بابر جو نئون عالمي رڪارڊ، پشاور زلمي کي شڪسٽ کان نه بچائي سگهيو

لاهور(ويبڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايديشن جو ٻيو ميچ لاهور ۾ کيڏيو ويو. جيڪو ڪوئٽا گليڊي.ٽرز پشاور زلمي کي 16 رنز تان شڪست ڏئي کٽي ورتو. زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئٽا جي اپنرز جيسن راءِ ۽ سعود شڪيل شاندار راند ڪندي ففٽيون مڪمل ڪيون. سورهين اوور ۾ 157 جي مجموعي اسڪور تي سعود شڪيل 47 بالن تي 74 رنسون ٺاهي ليوڪ ووڊ جي بال تي بابراعظم هٿان ڪيچ ٿيو. هن 6 چوڪا ۽ 4 ڇڪا هنيا. 17هين اوور ۾ ڪوئٽا جو ڪپتان رلي روسو 7 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ چوڪي جي مدد سان 14 رنسون ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي ليوڪ ووڊ هٿان ڪيچ ٿيو. 185 جي مجموعي اسڪور تي جيسن راءِ 48 بالن تي 75 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو، هن 9 چوڪا ۽ 2 ڇڪا هنيا. 197 جي ٽيم جي اسڪور تي شرفين ردر فورڊ 3 چوڪا هڻي 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي ليوڪ ووڊ هٿان ڪيچ ٿيو. آخري اوور ۾ هڪ چوڪو هڻي ٻئي بال تي محمد وسيم آئوٽ ٿيو. ڪوئٽا 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنز ٺاهيون. جواب ۾ زلمي جي اننگ صائم ايوب ۽ بابر اعظم شروع ڪئي ۽ هنن به 91 رنز جي شراڪت ڪندي گهربل رن ريٽ کان اسڪور مٿي ئي رکيو. صائم ايوب 3 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 26 بالن تي 42 رنز ٺاهي خواجا نافع جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. ٻئي وڪيٽ 108 جي اسڪور تي ان وقت ڪري جڏهن محمد حارث 6 بالن تي 7 رنز ٺاهي عقيل حسين جي بال تي جيسن راءِ هٿان ڪيچ ٿيو.16 هين اوور ۾ 147 جي مجموعي اسسڪور تي بابراعظم اسپنر ابرار جي بال تي محمد وسيم هٿان ڪيچ ٿيو. هن 42 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 68 رنز ٺاهيون. 29 سالن جي بابر اعظم ٽي توئنٽي ۾ 3 هزار رنز ٺاهڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، هن وقت ٽي توئنٽي ۾ ڪنهن به پليئر 2500 کان مٿي اسڪور ناهي ڪيو. جنهن بعد ٽوم ڪوهلر ڪيڊمور 18 بالن تي 18 رنز ٺاهي ابرار جو ٻيو شڪار بڻيو سندس ڪيچ محمد وسيم ڪيو. 19 هين اوور ۾ 183 جي اسڪور تي زلمي جي 6هين وڪيٽ ڪري جڏهن رومين پاول 9 بالن تي 17 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي ڪيپر سرفراز هٿان ڪيچ ٿيو. 183 جي مجموعي اسڪور تي ڊين موسلي 12 بالن تي 11 رنز ٺاهي محمد وسيم جي بال تي عقيل حسين هٿان ڪيچ ٿيو. آصف علي ۽ عامر جمال ناٽ آئوٽ رهيا پر ميچ نه بچائي سگهيا ۽ پوري ٽيم 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 190 رنز ٺاهي سگهيا. بابر اعظم نوجوان صائم ايوب کي رن آئوٽ ڪرائڻ تي کائنس معافي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو