پي ايس ايل جو شيڊول تبديل فائنل 18 تي لاهور ۾ ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي ڪورونا وائرس سبب پاڪستان سپر ليگ جو شيڊول تبديل ڪري فائنل ميچ 22 مارچ بدران 18 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پلي آف جو رحلو ختم ڪري ورلڊ ڪپ جي طرز تي سيمي فائنل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پوائنٽ ٽيبل ۾ پهرين نمبر واري ٽيم چوٿين نمبر واري ٽيم سان کيڏندي جڏهن ته ٻئي نمبر واري ٽيم ٽئين نمبر تي ايندڙ ٽيم سان سيمي فائنل کيڏندي. ٻئي سيمي فائنل ميچز لاهور ۾ هڪ ئي ڏينهن يعني 17 مارچ تي کيڏيون وينديون. پهرين سيمي فائنل 2 وڳي منجهند جو ۽ ٻئي سيمي فائنل 7 وڳي شام جو کيڏي ويندي. فائنل 18 مارچ تي 7 وڳي شام جو لاهور ۾ ئي کيڏي ويندي. شيڊول ۾ تبديلي ان ڪري ڪئي وئي ته جيئن ٽورنامنٽ به پورو ٿئي ۽ جلدي به ٿئي جيئن رانديگر بحفاظت پنهنجي وطن موٽي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو