پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب،ايندڙ سال پشاور وينداسين: نجم سيٺي

ملتان (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ اعلان ڪيو ته دبئي کان شروع ٿيندڙ سفر هاڻي ملتان پهچي ويو آهي ۽ ايندڙ سال پشاور روانو ٿيندو.ملتان ۾ پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب ۾ اسٽيڊيم مداحن سان ڀرجي ويو ۽ تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي.ان کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل قومي ٽيم کي بهترين رانديگر ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ به قومي ٽيم کي بهترين رانديگر ڏيندو رهندو.هن اعلان ڪيو ته دبئي کان شروع ٿيندڙ سفر هاڻي ملتان پهچي ويو آهي، هو ايندڙ سال پشاور ويندو.نجم سيٺي جي خطاب کانپوءِ تقريب ۾ فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن بعد شاندار آتشبازي ڪئي وئي.تقريب کانپوءِ افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو