پي ايس ايل جي فائنل بابت علي ترين جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين فائنل ۾ کيڏندڙ ٽيمن جي حوالي سان يوٽرن وٺندي نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي. فائنل ۾ کيڏندڙ پسنديده ٽيمن بابت جيو نيوز سان ڳالهائيندي علي ترين چيو ته مون اڳ ۾ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي ته پي ايس ايل 7 جو فائنل ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ٿيندو پر هاڻي لڳي ٿو ته فائنل منهنجي پسنديده ٽيمن ملتان ۽ لاهور ۾ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ملتان سلطانز هن ٽورنامينٽ ۾ تمام گهڻي خوش قسمت رهي آهي ڇاڪاڻ ته هن ٽيم جو توازن ڪپتان آهي ۽ مجموعي ڪارڪردگي شاندار آهي، اها پهرين ٽيم هوندي جيڪا پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. علي ترين ملتان سلطانز جي رانديگرن کي صلاح ڏني ته ڪپتان رضوان جي ڳالهه ٻڌن. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل پاڪستان جي هر شعبي ۾ قدر ڪيو آهي، اهڙي ليگ سان ملڪ جي وقار، ڪرڪيٽ ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو