لاهور قلندرز پاران اسلام آباد کي 66 رنز تان شڪست

لاهور(ويب ديسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 7 جي 27هين ميچ ۾ لاهور قلندرز 66 رنز تان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. لاهور اسلام آباد کي ميچ کٽڻ لاءِ 198 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو. اسلام اباد جا بگ هٽرز ميچ نه پيا کيڏن، ايلڪس هيلز پال اسٽرلنگ ڇڏي ويا هئا، شاداب زخمي هو، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. جواب ۾ اسلام آباد جي شروعات به ٺيڪ نه ٿي رحمان الله گرباز ۽ مبشر خان اننگ شروع ڪئي، گرباز ٽئين اوور م 11 بالن تي 20 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. 27 تي پهرين وڪيٽ ۽ ٻئي بال تي مبشر کي آئوٽ ڪري آفريدي کي هيٽ ٽرڪ چانس مليو جيڪو هن ضايع ڪيو. محمد وسيم جونيئر کي راشد خان ايل بي دبليو ڪيو، ليم ڊاسن 31، اعظم خان 10 ۽ ڪپتان آصف علي 12 رنز تي ڪيچ ٿيو. آصف ۽ ليم ڊاسن جون وڪيٽون زمان خان ۽ اعظم خان جي راشد خان کي ملي.

جنهن بعد اسلام آباد جي بيٽنگ سست ٿي وئي رن ريٽ وڌڻ لڳو. هڪ موقعي تي 156 بالن تي 76 رنز گهربل هيون. فهيم اشرف 2 رنز تي ايل بي دبليو ٿيو، مرچنٽ ڊي لانجي حارث رئوف جي بال تي ڪپتان آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو ۽ 123 تي اسلام آباد جا 8 آئوٽ هئا. وقاص مسعود ابتي شاٽ کيڏي آخري اوور جي سيڪنڊ لاسٽ بال تي ڪيچ ٿيو ۽ دانش 29 تر ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ لاهور قلندرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون، هيري بروڪ 49 بالن تي 102 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا. ان کان علاوه فخرزمان 51 رنسن جي اننگز کيڏي، ڊيوڊ ويسا 17 ۽ سهيل اختر 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، فل سالٽ ۽ محمد حفيظ 2، 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪامران غلام صفر تي آئوٽ ٿيو. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان فهيم اشرف 3، ظاهر خان ۽ ليام ڊاسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو