پشاور زلمي کي 42 رنز تان شڪست،ملتان جي فتح

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون جو ٻيو مرحلو اڄ کان لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي. قذافي اسٽيديم ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان اڳ م بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون. پشاور 19.3 اوورز ۾ 140 تي آل آئوٽ ٿي وئي. اهڙي طرح ملتان 42 رنز تان کين شڪست ڏئي مسلسل ڇهين فتح حاصل ڪئي. ملتان پاران شان مسعود 49 بالن تي 8 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 68 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي بال تي وهاب رياض هٿان ڪيچ ٿيو. محمد رضوان 34 بالن تي 34 رنز ٺاهيون، کيس وهاب رياض ايل بي ڊبليو ڪيو. ٽم ڊيوڊ 3 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 34 رنز ٺاهي وهاب جي بال تي ثاقب محمود هٿان ڪيچ ٿيو. . رلي روسو 7 بالن تي 15 رنز ٺاهي سلمان ارشان جي بال تي بين ڪٽنگ هٿان ڪيچ ٿيو.  خوشدل 7 بالن تي 11 رنز ٺاهي ثاقب جي بال تي بولڊ ٿيو، انسائيڊ ايج سبب، اهڙي طرو ملتان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون. جواب ۾ پشاور زلمي جي شروعات سٺي نه ٿي. ڪامران اڪمل بليسنگ مزارباني جي بال تي ڏاهاڻي هٿان 4 رنز تي ڪيچ ٿيو.

حيدر علي هڪ رن تي مزارباني هٿان بولڊ ٿيو. ليم لونگ اسٽون عباس آفريد جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو،هن 16 بالن تي 24 رنز ٺاهيون. حسين طلعت 4 رنز ٺاهي شاهنواز ڏاهاڻي جي بال تي انور علي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شعيب ملڪ جو ڪيچ ڊراپ ٿيو ۽ هن شرفينردرفورڊ سان گڏجي اسڪور اڳتي وڌايو. شعيبب ملڪ 44، ليم لونگ اسٽون 24 ۽ بين ڪٽنگ 23 ٺاهي نمايان رهيا. ٽورنامينٽ جي ڪل 34 ميچن مان 15 ميچز ڪراچي ۾ ٿيون آهن ۽ باقي ميچز لاهور ۾ ٿينديون. ملتان سلطان هن وقت تائين ناقابل شڪست رهي آهي 5 ميچون کيڏيون ۽ سڀ کٽيون آهن ۽ پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ تي آهي. جڏهن ته پشاور 5 مان 3 ميچز هاريون آهن ۽ پوائنٽ ٽيبل تي پنجين نمبر تي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو