ڪراچي جي لڳاتار ڇهين شڪست، پلي آف کان ٻاهر

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 56 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ ايونٽ ۾ مسلسل ڇهين شڪست کانپوءِ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم پلي آف جي ريس مان ٻاهر ٿي وئي آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 19هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي جڏهن اننگز جي شروعات ڪئي ته ڪراچي ڪنگز جي فيلڊرز جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ڊراپ ڪيچز جي بدولت اوپنرز ٽيم کي 97 رنسن جي سٺي شروعات ڏني، محمد حارث 27 بالن تي 49 رنسون ٺاهيون. ليام ليونگسٽن هن ڀيري ناڪام رهيو ۽ رڳو 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته حضرت الله زازي 52 رنسون ٺاهي نوجوان اسلم اڪرم جي وڪيٽ بڻيو.

چوٿين وڪيٽ لاءِ شعيب ملڪ ۽ بين ڪٽنگ 55 رنسن جي ڀائيواري ڪئي، شعيب ملڪ 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ بين ڪٽنگ 26 رنز ٺاهيون. پشاور زلمي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون. پشاور جي بالرز ڪراچي وارن کلي کيڏڻ نه ڏنو، 5 اوورز ۾ 25 جي مجموعي اسڪور تي شرجيل 14 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

بابر اعظم ۽ جو ڪلارڪ 60 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي پر تيزيءَ سان اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ جڏهن ڪلارڪ 26 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو ته ڪراچي ڪنگز کي فتح لاءِ 40 بالن تي 109 رنسن جي ضرورت هئي، بابر نصف سينچري ضرور ٺاهي پر ساڳئي وقت گهربل رن ريٽ وڌي ويو ۽ ميچ ڪراچي ڪنگز جي هٿن مان نڪري وئي.  ڪپتان بابر 46 بالن تي 59 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. محمد نبي 15 ۽ آئن  ڪڪ بين 14 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهيون ۽ زلمي آساني سان ميچ 56 رنسن تان کٽي ورتي. ايونٽ ۾ ڪراچي ڪنگز جي اها مسلسل ڇهين شڪست آهي، جنهن سبب هو هاڻي پلي آف جي دوري کان ٻاهر ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ چار ميچون کٽڻ باوجود ايندڙ اسٽيج تائين نه پهچندي.. پهريون ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي ۾ کيڏيو پيو وڃي، بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. وهاب رياض ان موقعي تي چيو ته جيڪڏهن اسين ٽاس کٽيون ها ته اسان به فيلڊنگ ڪريون ها. جڏهن ته ٻيو ميچ شام ساڍي ستين وڳي ڪوئٽا ۽ لاهور قلندرز ۾ کيڏيو ويندو. پشاور 6 ميچ کيڏيا آهن جن مان 2 کٽيا آهن ۽ 4 هارايا آهن. جڏهن تي ڪراچي سڀئي يعني 5 ميچ هارايا آهن. ڪوئٽا 6 ميچ کيڏيا آهن جن مان 3 هارايا آهن. لاهور 6 ميچ کيڏيا آهن جن مان 4 کٽيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو