پي ايس ايل ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان پيو: مير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني اسپنر اساما مير چيو آهي ته کيس پي ايس ايل ۾ موقعو مليو آهي ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.ڳالهائيندي ملتان سلطانز جي رانديگر اساما مير چيو ته ورلڊ ڪپ کانپوءِ تمام گهڻي تنقيد ٿي، مون تي ٿيندڙ تنقيد کي مثبت انداز ۾ وٺان ٿو.هن چيو ته مان جيڪا غلطي ڪئي ان کي درست ڪندس ۽ پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، غلطين کي درست ڪرڻ جو سڀ کان وڏو جج پاڻ آهي، مان خراب پرفارمنس تي ويهڻ نٿو چاهيان.اساما مير جو چوڻ آهي ته ملتان سلطانز جي بالنگ يونٽ ڪراچي ڪنگز خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، شعيب ملڪ اسپنرز کي سٺي نموني کيڏايو، انهن خلاف بالنگ ڪئي ۽ هڪ وڪيٽ به ورتي.ملتان سلطانز جي رانديگر وڌيڪ چيو ته هو اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف به پنهنجي سٺي بالنگ جو سلسلو جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو