اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سپر ليگ جي سيزن ون ۽ ٽو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) ۽ سپر ليگ جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 1 ۽ 2 جي خصوصي آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ پي ايس ايل 1 ۽ 2 ۾ 2 ارب 77 ڪروڙ روپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو. آڊٽ رپورٽ موجب پي ايس ايل ۾ 3 ٽيمن کي فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ، پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه جي گهٽ قيمت تي نيلامي ڪئي وئي جنهن سبب پي سي بي کي 11 لک ڊالرن جو ساليانو نقصان ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين پي سي بي احسان ماني چيو ته مان آڊٽ رپورٽ ۾ ذاتي طور تي دلچسپي ناهي ورتي پر ان جي سربراهي ڪندو آهيان. اداري جي هر معاملي ۾ مداخلت ناهيان ڪندو. اُن وقت حالتون مشڪل هيون ۽ پي ايس ايل جو منعقد ٿيڻ ضروري هو، پي سي بي تي پيپرا قانون لاڳو ناهن ٿيندا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين رانا تنوير حسين پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته اوهان اداري جا ذميوار ماڻهو آهيون. غير ذميواري جون ڳالهيون نه ڪريو. سيڪريٽري آءِ پي سي ڪرڪيٽ بورڊ وارن کي گهرائي سمجهايو ته نظام ڪيئن هلندو آهي. رانا تنوير وڌيڪ چيو ته چيئرمين پي سي بي اداري جو سربراهه آهي. هڪ هڪ روپئي جو حساب ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل