پي ايف يو جي، جا 70 سال، صحافين جو معاشي قتل بند ڪريو

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، نائب صدر جلال الدين ڀيو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، ايف اِي سي ميمبر آصف ظهير خان لوڌي، امداد بوزدار، سکر پريس ڪلب جي صدر نصرالله وسير، جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي، سکر ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر بخش علي ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري عمران شيخ، سيفما جي مرڪزي اڳواڻ لالا شهباز خان پٺاڻ، سيفما سکر جي صدر صلاح الدين قريشي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مرڪزي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس واحد صحافي تنظيم آهي جنهن عملي طور تي صحافين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي آهي. پي ايف يو جي 70 سالن دوران تمام گھڻي مشڪل وقت ۾ صحافين سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد ڪئي آهي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي مدد سان سکر ريجن جي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. 70 سالن دوران پاڪستان ۾ صحافين کي تمام گھڻا مسئلا پيش اچي چڪا آهن. ملڪ ۾ صحافين جي قربانين کي وساري نٿو سگھجي. سال 2020ع صحافين جي حقن جي حاصلات جو سال آهي، هنن چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا هائوسز اندر جبري طور تي ميڊيا ورڪرن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو پيو وڃي، صحافين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي جيڪو بند ٿيڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ صحافين کي حق ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو