اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بلوچستان جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير علي مدد جتڪ جي اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو. جسٽس عقيل عباسي وڪيل شهزاد شوڪت کي چيو ته ڪيس ۾ الزام آهي ته فارم 45 ۽ 47 ۾ تضاد آهي، ٻنهي فارمن ۾ فرق ڏسو، رڪارڊ مان تضاد واضح آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته فارم 45 بابت الزام ٻنهي طرفن کان آيا. وڪيل چيو ته مخالف ڌر طرفان فارم 45 جون صرف 4 ڪاپيون داخل ڪيون ويون آهن.جسٽس عقيل عباسي چيو ته جيڪڏهن هڪ ڪاپي اچي ته ڪافي آهي.جسٽس عرفان سعادت چيو ته وڪيل جا سنگين الزام آهن ته بيلٽ پيپر رات جو غائب ٿي ويا.وڪيل چيو ته جج فيصلي ۾ جيڪو چئي رهيو آهي ان جو ڪو به بنياد ناهي.جسٽس عقيل عباسي چيو ته هڪ تڪ ۾ شفافيت ٿيڻ ڏيو، ڇا توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ حلقي ۾ شفافيت نٿا چاهيون.جسٽس شاهد وحيد چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته توهان جي دستاويزن جي بنياد تي چونڊون جائز قرار ڏنيون وڃن.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت