پي سي بي ٽيم شڪست جو جائزو وٺندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري دوران شڪست جي حوالي سان هر رخ جو جائزو ورتو پيو وڃي.لاهور رواني ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نيئن چونڊيل پي سي بي چيئرمين سليم يوسف جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري دوران شڪست جي حوالي سان ڪرڪيٽ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي لاهور ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ نيوزيلينڊ ۾ شڪست جي حوالي سان هر رخ جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو.سليم يوسف ٻڌايو ته ڪميٽي جي ميمبرن ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان وسيم اڪرم، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر گل، وومين چيف سليڪٽر عروج ممتاز ۽ علي نقوي شامل آهن جڏهن ته هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس سان سيريز ۾ رانديگرن جي پرفارمنس تي تفصيلي ڳالهيون ٿينديون.پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته منهنجي پهرين سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس اهميت جوڳو هوندو، نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ رانديگرن جي پرفارمنس تي تفصيلي بحث ٿيندو، ڪوچز جي راءِ ڄاڻڻ کان پوءِ ڪميٽي جي ميمبرن جي گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ سفارشون جوڙي پي سي بي چيئرمين کي پيش ڪيون وينديون، اجلاس ۾ قومي ڪرڪيٽ جي حوالي سان اهم معاملن  جو به جائزو ورتو  ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو