پي سي بي ڪرڪٽ رانديگرن جي معاوضي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ 19 رانديگرن جي ڪيتيگريز جو اعلان ڪرڻ بعد سندن ماهوار معاوضي ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. اي ڪيٽيگري واري کي 11 لک ماهورا، بي ڪيٽيگري واري کي 8 لک ۽ سي ڪيٽيگري واري کي پوڻا 6 لک کان وڌيڪ ماهوار معاوضو ملندو. اي ڪيٽيگري م صرف ٽن رانديگرن کي رکيو ويو آهي جن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، بابر اعظم ۽ ياسر شاهه شامل آهن، جڏهن ته بي ڪيٽيگري ۾ اسد شفيق، اظهر علي، حارث سهيل، امام الحق، محمد عباس، شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ وهاب رياض شامل آهن. جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ عابد علي، محمد عامر، محمد رضوان، شان مسعود ۽ عثمان شنواري شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو