پي سي بي جي بجيٽ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مالي سال 24-2023ع جي پهرين ٽه ماهي جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب باقائده بورڊ چونڊون نه ٿيڻ سبب هلندڙ سال جي بجيٽ منظور نه ٿي سگهي آهي پر معاملا هلائڻ لاءِ ٽه ماهي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي. پي سي بي ذريعن موجب سمورن کاتن کي 3 مهينن جي بجيٽ مطابق رٿابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ به هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو