پي سي بي گرائونڊ اسٽاف کي پگهارون ڏيارڻ لاءِ اپيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي ڀرتي ڪيل گرائونڊ اسٽاف وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي ته سندن پگهارون ادا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. پي سي بي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪرڪٽ جي ميدانن لاءِ 250 جي لڳ ڀڳ ملازم ڀرتي ڪيا هئا، جن جي پگهار ڊسمبر 2019 کان بند آهي. ملازمن وزيراعظم کي چيو آهي ته اوهان پي سي بي جا پيٽرن چيف آهيو اسانجا ٻچا بک تي آهن پگهارن جو مسئلو حل ڪرايو. ياد رهي ته ڪرڪٽ بورڊ ۾ اصلاحات سبب ريجنل ڪرڪٽ بورڊ قائم ڪيا ويا هئا ۽ آئنده ادائگي به انهن کي ڪرڻ آهي پر هو ٿا چون ته جيڪو اسٽاف هنن ڀرتي ناهي ڪيو هو پگهار ڇو ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو