پي سي بي ۾ سياسي ڀرتين جي لسٽ طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي اداري ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتين جي لسٽ طلب ڪري ورتي.ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ملازمن جي موجوده پوسٽنگ، پوزيشن ۽ پگهار جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ان کان علاوه سياسي ۽ سفارشي ڀرتين جي فهرست به طلب ڪئي ويندي.چيئرمين پي سي بي محسن نقوي جي هدايتن تي ملازمن جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ هفتي ان حوالي سان اهم فيصلا متوقع آهن ۽ لابنگ يا وڪيل ڪلچر جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي سمارٽ ٽيم ۽ اداري ۾ سمارٽ آپريشنز لاءِ فوري قدم کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو