پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج بابت عدالتي فيصلي کي پوري طاقت سان لاڳو ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف بشريٰ بي بي جي گذريل ڏينهن سعودي عرب بابت ڏنل بيان تي چيو ته پي ٽي آءِ جي سياسي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ اِهو بيان ڏنو ويو. هن بشريٰ بي بي جي سعودي عرب تي الزامن کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو ته جنرل (ر) باجوا کي ان بيان جي پاڻ ترديد ڪرڻ گهرجي. خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي سياسي وراثت جي دعويٰ ڪئي آهي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت تي ڇڪتاڻ جاري آهي، ٽي عورتون هڪ پاسي ۽ هڪ عورت ٻئي پاسي آهي، اها سياست جو بدصورت شڪل آهي. خواجا آصف چيو ته سندن ڪنهن سان به ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، احتجاج بابت ڪالهه واري عدالتي فيصلي کي پوري طاقت سان لاڳو ڪنداسين، عوام ۽ رياست ٻئي احتجاج ڪرڻ وارن جو بندوبست ڪندي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪالهه به خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي ۽ وڏو وزير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنهاب تي ڪاهه ڪري رهيو آهي، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هنيئر تائين ڇا ڪيو آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو