پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا، سڀ ماڻهو احتجاج ۾ شرڪت ڪندا، هي پي ٽي آءِ جي باني جو حڪم آهي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني 24 نومبر جو اعلان ڪيو آهي، هو اڄ ساڻن ملاقات ڪندو.بئريسٽر گوهر علي جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ جو باس آهي، هو سفارش يا آرڊر نٿو ڏئي.هن چيو ته اڊيالا جيل ٻاهران اڳواڻن جي گرفتاري جو واقعو پهريون ناهي، اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، اسان ان واقعي جي مذمت ڪيون ٿا.چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته عدالت جو حڪم آهي ان ڪري اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، عدالت جو ڪو به حڪم نه مڃيو وڃي ته ڇا ڪجي، هو بار بار عدالتن ۾ ويندا آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن کين عدالت مان رليف نه ملي ته پوءِ ڇا ڪجي؟

پهنجو تبصرو موڪليو