پي ٽي آءِ باني خلاف پوسٽ، سلمان احمد جي پارٽي رڪنيت ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف سوشل ميڊيا پوسٽون ڪرڻ تي گلوڪار سلمان احمد جي پي ٽي آءِ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سلمان احمد جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سلمان احمد سوشل ميڊيا بيانن ذريعي پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ نفرتون پيدا ڪندو رهيو، هن پي ٽي آءِ باني ۽ سندس خاندان خلاف سوشل ميڊيا پوسٽون ڪيون. نوٽيفڪيشن موجب، پارٽي سلمان احمد جي بيانن کان لا تعلقي جو اظهار ڪري ٿي ۽ سندس پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وڃي ٿي، هو اڳتي پي ٽي آءِ جو نالو استعمال نه ٿو ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو