پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن جا ڪيس هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن جا ڪيس هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن جا ايس او پيز انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ طئي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مختلف بينچن ۾ ملاقاتن جي درخواستن بابت ٻڌڻي مقرر آهي. اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل هفتي ۾ پنج ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿئي ٿو، جيڪڏهن سڀئي ڪيس هڪ ئي بينچ ۾ مقرر ٿين ته هو هڪ ڀيرو ئي پيش ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن بابت ڪيسن کي گڏ ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي لارجر بينچ قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو