پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي پنهنجي ذات کان ٻاهر پاڪستان جو سوچڻ گهرجي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انتشار جي سياست هن ملڪ جي ڪڏهن به خدمت ناهي ڪئي.ڪراچي جي ميئر چيو ته سياسي مسئلا سياسي طريقي سان حل ٿيندا آهن.مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته جيڪي افراتفري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي جاري رکڻ گهرجي.ميئر ڪراچي اهو به چيو آهي ته پارليامينٽ ذريعي ڪم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو