خان کي غريب ٻارن لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ تي سزا ٻڌائي وئي

ڊيرا اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي غريب ۽ ضرورتمند ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ تي سزا ٻڌائي وئي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور قبائلين، ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي هن چيو ته صوبي ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي غريب ۽ ضرورتمند ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ تي سزا ٻڌائي وئي. حڪومت طرفان خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي.علي امين گنڊاپور چيو ته صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي نظام ۾ بهتري آندي وئي آهي صوبائي حڪومت پوئتي پيل علائقن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته عوام جي لاءِ پنهنجي دل سميت وزيراعليٰ هائوس جا دروازا کليل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو