اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ اعلانيل احتجاج سبب اڄ رات 8 وڳي کان موٽر ويز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بظاهر ته حڪومت ان جو سبب مرمتي ڪم ڪرڻ ڄاڻايو آهي پر هڪ ئي وقت ۾ پشاور، لاهور ۽ فيصل آباد کان اسلام آباد ايندڙ سڀ موٽر وي بند ڪرڻ جو اڳ ۾ شايد ئي مثال موجود هجي. اسلام آباد انتظاميا سمورا بس اسٽينڊ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ شهر ڏانهن ايندڙ رستن تي مختلف جاين تي ڪنٽينر پهچايا ويا آهن. ميٽرو سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ رات کان بند ڪئي ويندي. ريڊ زون ۽ پريڊ گرائونڊ ڏانهن ايندڙ اڪثر رستن کي به بند ڪيو ويو آهي ۽ في الحال ڪجهه جاين تان ڊپلوميٽڪ سيڪٽر ۽ سرڪاري گاڏين کي چڪاس بعد ڇڏيو پيو وڃي. نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس (اين ايڇ ايم پي) پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پشاور کان اسلام آباد، ڊيرا اسماعيل خان کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽر ويز اڄ رات 8 وڳي کانپوءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ويندو. جڏهن ته لاهور رنگ روڊ کي به 23 ۽ 24 نومبر تي بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير کان گهرايل اضافي پوليس جي نفري به اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪمشنر راولپنڊي رينجرز ۽ ايف سي جا اضافي دستا طلب ڪري ورتا آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪي پي ڪي مان انيدڙ قافلن کي اٽڪ پل وٽان اڳتي اچڻ نه ڏنو ويندو. جي ٽي روڊ تي به نفري جي تعيناتي شروع ٿي وئي آهي.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور