پي ٽي آءِ جو قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سميت ڪيئي اڳواڻن قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جي حق ۾ دليل ڏنا، جڏهن ته جنيد اڪبر طرفان پارٽي باني سان مشاورت جو مشورو ڏنو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏانهن 14 نالا اماڻيا ويا آهن. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا، عامر ڊوگر، ثناءُ الله مستي خيل، علي محمد خان، سينيٽر علي ظفر، سينيٽر همايون محمد ۽ سينيٽر عون بپي جا نالا پيش ڪيا ويا. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو ان-ڪيمرا اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ عسڪري قيادت موجوده ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو