پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر جو چوڻ آهي ته 24 نومبر جي ڪال مس ڪال ثابت ٿيندي.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 3 مارچ تي پي ٽي آءِ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، 10 سال اڳ پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس داخل ڪرايو هو.اڪبر ايس بابر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مغربي ملڪ هجي ها ته پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت اڄ جيلن ۾ هجي ها.هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ آمريڪي جهنڊو ڦڙڪايو پيو وڃي، اهي آمريڪا جي غلامي کي رد ڪرڻ جو نعرو ڪيئن بلند ڪندا.پي ٽي آءِ جي باني ميمبر جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين، سيڪريٽري جنرل، سيڪريٽري اطلاعات جو پي ٽي آءِ سان ڪو به تعلق ناهي، پاڪستان تحريڪ انصاف مڪمل طور تي يرغمال بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو