پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ ٻيو رينجرز اهلڪار شهيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي 26 نومبر جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ پاڪستان رينجرز پنجاب جو هڪ ٻيو اهلڪار شهيد ٿي ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجاب رينجرز جو لانس نائيڪ محمد تنوير پرتشدد ڪارروائين ۾ زخمي ٿيو هو، هو ڪوما جي حالت ۾ هو. لانس مائيڪ محمد تنوير گهرواري، ٻن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي 26 نومبر جي احتجاج دوران اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اهلڪارن تي گاڏي چاڙهي ڇڏي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شرپسندن جي حملي ۾ شهيد رينجرز اهلڪارن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ شرپسندن جي حملن ۾ پنجاب پوليس جا ٻه اهلڪار شهيد ۽ 119 زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جا 11 اهلڪار زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو