پي ٽي آءِ جي احتجاج لاءِ رابطا ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر جي احتجاج لاءِ رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل فردوس شميم نقوي ڪميٽين جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.جڙيل شهرن لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان 6-6 پي ٽي آءِ اڳواڻ شامل آهن.ڪميٽي ۾ اسلام آباد مان عامر مغل، شير افضل مروت، شعيب شاهين، سيد علي بخاري، قاضي تنوير ۽ ملڪ عامر شامل آهن.راولپنڊي جي رابطا ڪميٽي ۾ سيمبيا طاهر، شهريار رياض، امير افضل، عقيل خان، راجا بشارت ۽ چوڌري اجمل صابر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو