پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت نظرثاني واري درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.3 رڪني لارجر بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان نظرثاني درخواست لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي.وڪيل حامد خان چيو ته ڪيس کي لارجر بينچ ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو