پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي رعايت نه ملڻ گهرجي: مريم نواز

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي جيڪا هر ڀيري پنهنجي ئي ملڪ تي حملو ڪندي آهي، هنن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ملڻ گهرجي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته هميشه کان جيڪا ڳالهه چوندي رهي آهيان اڄ اها دنيا جي سامهون اچي وئي آهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه آهي، نه هئي ۽ نه ئي وري ٿي سگهي ٿي.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته رياست کي انهن سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪرڻ گهرجي جيڪو دهشتگردن سان ڪيو ويندو آهي، ٻئي صورت ۾ گهڻي دير ٿي ويندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ويس ۾ تحريڪ انتشار جو واحد مقصد ملڪ ۾ باهيون ڏيڻ آهي، اها ڪنهن رياعت يا نرمي جي مستحق نه آهي.مريم نواز چيو ته هنن جي لشڪر ۾ فرنٽ لائنز ۾ تربيت يافته دهشتگرد شامل آهن جن کي هنن پوليس ۽ رياست تي حملو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڪهڙو ملڪ اهو برداشت ڪندو.؟ پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته لاهور ۾ تحريڪ انتشار جي وڪيلن طرفان ڪيل پٿراءُ سبب ڪانسٽيبل بلال سخت زخمي ٿي پيو آهي. ڇا اهڙي حرڪت ڪا سياسي پارٽي ڪري سگهي ٿي ۽ اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو