پي ٽي آءِ قوم جي ڀلائي لاءِ آئيني ترميمن جي حمايت جو اعلان ڪري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان تحريڪ انصاف کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آئيني ترميم جي حمايت ڪري.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اڃا به وقت آهي پي ٽي آءِ قوم جي ڀلائي لاءِ آئيني ترميمن جي حمايت جو اعلان ڪري.شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ انتھڪ محنت ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جو مقصد قوم کي متحد ڪرڻ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ آهي، سمورين سياسي قوتن کي متحد ٿيڻ گهرجي.شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينيئر وزير به چيو آهي ته آئيني عدالت جو تصور قائداعظم پهريون ڀيرو عدليه ۽ قانون سازي ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو