پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ هڪ دفعو ٻيهر عدالت پهچي وئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب تحريڪ انصاف طرفان سندس وڪيل عزيز ڀنڊاري درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قرار ڏنو وڃي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم 12 جولاءِ جي فيصلي تي لاڳو نٿو ٿئي، قرار ڏنو وڃي ته اليڪشن ڪميشن 12 جولاءِ تي فيصلي تي عمل ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي.پي ٽي آءِ درخواست ۾ چيو آهي ته قرار ڏنو وڃي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان لکيل خط جو 12 جولاءِ جي فيصلي تي لکيل خط جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. قرار ڏنو وڃي ته اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خط کي رد ڪري ٿي ۽ اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين کي ورهائڻ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو