پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي 16 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن ملڻ باوجود سول نافرماني جي تحريڪ شروع نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته ڪنهن کي غلط فهمي نه رکڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ هر ڪو ٻاهر اچي پريس ڪانفرنس ڪندو آهي، منهنجي خيال ۾ هر ڪنهن جي پريس ڪانفرنس تي پابندي لڳائي وڃي.اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ رڳو پارٽي جا مقرر ٿيل ماڻهو ميڊيا تي بيان ڏين، هر ڪو ميڊيا تي بيان ڏئي ٿو، جنهن سان مونجهارو پيدا ٿئي ٿو.سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ بابت سوال تي شوڪت يوسفزئي چيو ته پي ٽي آءِ اڄ سول نافرماني جي تحريڪ نه شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي وڃي ها جيڪڏهن مذاڪراتي ڪميٽي نه ٺهي ها.هن چيو ته پارٽي قيادت پي ٽي آءِ جي باني کي درخواست ڪئي ته پهريان ڳالهين جو موقعو ڏنو وڃي.بدقسمتيءَ سان حڪومت جو رويو انتهائي ٻاراڻو آهي.حڪومت شايد سمجهي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ڪمزور ٿي وئي آهي، ان ڪري ڳالهين جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هو چاهين ٿا ته ملڪ وڌيڪ مشڪلاتن ۾ نه اچي، پر حڪومتي رويو مايوس ڪيو آهي.
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارليمان جا اجلاس اڄ ٿيندا،اهم بل پيش ڪرڻ جا امڪان،ايجنڊا جاري
حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه
ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي
پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا فرانس ۾ سفير مقرر
ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار
هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو
اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
اهم فيصلن کان باخبررکڻ تي استيعفيٰ ڏني،گلپسي
پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي،شوڪت يوسفزئي
اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو
پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن، 6 يرغمالي بازياب