پي ٽي آئي پاران گرفتاري کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته توشه خانه ڪيس ذريعي انصاف جي نظام جي پيشاني تي هڪ ٻيو ڪارو نشان لڳايو ويو، تاريخ جي بدترين ٽرائل ۾ انصاف کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته سيشن ڪورٽ جو فيصلو سياسي انتقام ۽ انجينئرنگ جو بدترين مثال آهي

پهنجو تبصرو موڪليو