اعجاز ممنائي
گذريل حڪومتن هڪ نئون ڍونگ رچايو آهي ته صوبائي حڪومتون وفاق خلاف احتجاج ڪنديون رهيون آهن سنڌ سرڪار ڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ، ڪڏهن پاڻيء جي معاملي، ڪڏهن وسيلن تي قبضن خلاف سراپا احتجاج آهي ته وري پنجاب جي صوبائي حڪومت وفاق جي اڍنگي رويي سبب احتجاج پئي ڪيو آهي گذريل دور ۾ وزير اعليٰ شهباز شريف مينار پاڪستان تي احتجاجي مظاهرو ڪيو هو بهرحال حڪومت ۾ رهندي حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ واري روش نهايت ئي عجيب رهي آهي۔ تازو پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن صوبن سان ڪيل وفاقي حڪومت جي خاطرين تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي ۽ وفاق سان ٻٽ بڻيل پارٽي پنهنجي دوستن سان ناراضگيء جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿي۔ بلاول ڀٽو زرداري پهرئين ڏينهن کان وٺي شهباز شريف خلاف ناراضگيء وارا بيان ڏيندو رهيو آهي پر سندس پيء صدارت جي ڪرسيء تي ويٺل آهي تنهنڪري سندس ناراضگي جلد ختم ڪيو ڇڏين۔ تازو پيپلز پارٽيء جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ اجلاس ٿيو،جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ پيپلز پارٽيء جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ وفاقي حڪومت سان ٿيل ڳالهين جي روشني ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي کان پارٽي چيئرمين کي آگاهه ڪيو ويو.اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي حڪومت طرفان مستقبل ۾ ٿيندڙ قانونسازي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وفاقي حڪومت طرفان مختلف صوبن سان ڪيل خاطرين تي ٿيل اڳڀرائين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريء اجلاس ۾ شامل اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته هو حڪومت سان پنهنجن رابطن کي وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ۾ انهن رابطن تي هاڪاري نتيجا سامهون رکي سگهجي۔ سندس بيانن مان وفاق سان ناراضگي وارو پهلو نمايان نظر اچي ٿو۔ موجوده شهباز حڪومت جڏهن کان اقتدار سنڀاليو آهي تڏهن کان وٺي عمران خان سندن ڳچيء ۾ پيل آهي ان کان علاوه ڪيترائي اندروني ۽ بيروني معاملا ۽ ڏکيائيون سامهون آهن جن کي حل ڪرڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي وري اتحادين جي ناراضگيون ۽ رنڊڪون ويتر کين پريشان ڪري رهي آهي۔ ملڪ اندر هڪ طرف مهانگائي عروج تي آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي جنهنڪري غريب عوام سورن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي پر وفاق ڪنهنجي به ڳالهه نه ٿو ٻڌي۔ جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو جي تازي بيان مان شهباز حڪومت خلاف ناراضگي ظاهر ٿئي ٿي، پر پيپلز پارٽيءَ جي حمايت يافته حڪومت کي ان مان ڪو به خطرو ناهي. ڇوته بلاول ڀٽو کي سياست ۾ ٻاراڻي حيثيت آهي۔ پ پ جا سمورا اعليٰ اڳواڻ ڄاڻن ٿا ته ن ليگ خلاف شڪايتن باوجود پارٽي شهباز حڪومت جي حمايت ختم نه ڪندي پر پيپلز پارٽي جي حمايت کانسواءِ حڪومت قائم نه ٿي سگهي. موجوده نظام جي سمورن اهم ماڻهن کي خبر آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ صدر آصف علي زرداري جي سوچ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جي سوچ سان مطابقت رکي ٿي. تازو ئي وزيراعظم شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف ملڪ جي هڪ پيج تي آهن. اهي ٽيئي ادارا ملڪي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل سمورن قدمن لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت جي سمورن اهم پاليسين جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ قانون سازي ۽ SIFC (Special Investment Facilitation Council) پاران مقرر ڪيل معاشي ايجنڊا پڻ شامل آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي سنڌ جي ڪجهه اڳواڻن کي SIFC جي ڪجهه فيصلن تي تحفظات هئا، پر صدر آصف علي زرداري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ڪجهه به غلط نه ٿئي. ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) تي پيپلز پارٽي سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو هو ته حقيقي سياست عزت ۽ احترام تي ٻڌل آهي، حڪمران اتحاد کي پنهنجي عهدن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي مرڪز ۽ پنجاب ۾ نون ليگ جي حڪومتن جي رويي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي آهي. پيپلز پارٽي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته مسلم ليگ (ن) خاص ڪري مريم نواز جي پنجاب ۾ حڪومت ان معاهدي جي پاسداري نه ڪري رهي آهي جيڪو حڪومت ٺاهڻ وقت ٻنهي پارٽين وچ ۾ ٿيو هو. نون ليگ جا ڪجهه سينيئر اڳواڻ اعتراف ڪن ٿا ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي سان ڪيل واعدا اڃا تائين پورا نه ٿيا آهن. پيپلز پارٽيءَ سان واعدو ڪيو ويو ته ان کي پنجاب ۾ سياسي جاءِ ڏني ويندي ۽ پارٽيءَ کي انهن ضلعن ۽ تعلقن ۾. ۽ پنهنجي پسند جي بيوروڪريٽس ۽ پوليس اهلڪارن کي انهن تعلقن ۾ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي جتي پيپلز پارٽي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي هئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو اصرار آهي ته هو سول بيوروڪريسي جي مقررين ۾ پنهنجي پارٽي سميت ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت کي قبول نه ڪندي تيستائين بلاول ڀٽو جي ناراضگيء وارو اهو سلسلو جاري رهندو۔
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو