پگهارون ۽ پينشن وڌائڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي: اورنگزيب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سرڪاري ملازمن جي لاءِ خراب خبر سامهون اچي وئي آهي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايندڙ بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن نه وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته هن بجيٽ ۾ پگهار ۽ پينشن وڌائڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. .انهي ڳالهه جو انڪشاف ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ايوان کي ڏنل لکت جي جواب ۾ ڪيو ويو.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته ايندڙ مالي سال سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. ملازمن جي الائونس ۽ پي اسڪيل تي به نظر ثاني جي ڪنهن به قسم جي تجويز غور هيٺ نه آهي.هن وڌيڪ لکيو آهي ته ملازمن جي لاءِ هائوسنگ ۽ سيلنگ جي حد وڌائڻ جو معاملو غور هيٺ آهي پر وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به اضافي جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو