اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پنهنجي اهم اتحادي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال ڪري ڇڏيون.ذريعن موجب ستن مهينن ۾ 460 ارب روپين جي روينيو شارٽ فال جي باوجود ترقياتي اسڪيمون بحال ڪيون ويون. ايس اي پي پروگرام جو بجيٽ 25 ارب روپين مان وڌائي 50 ارب روپيه ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پارليامينٽريز جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي ورهاست جا اصول نرم ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي جا 30 ارب جا غير استعمال ٿيل فنڊز اڳيان وڌائڻ جو مطالبو رد ڪيو ويو.رپورٽ موجب پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو اضافي کان پوءِ ترقياتي فنڊز به جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب ترقياتي اسڪيمن جو ڪم هاڻ پاڪستان انفرااسٽرڪچر ڊوالپمينٽ کي ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي اسپيڪر ختم ٿيل فنڊز جي بحالي لاءِ خط لکيا. حڪومت مالي بحران جي باوجود حڪومتي ميمبرن جي لاءِ فنڊز جي فوري ورهاست جو فيصلو ڪيو.
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش
ڇا صرف جي ايڇ ڪيو ڪيس فوجي عدالت ۾ ٻڌو ويندو؟