’پ پ جي احتجاج کي عوام رد ڪري ڇڏيو‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي ڊرامي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين پيپلز پارٽي جي احتجاجي سڏ تي سنڌ جي عوام روڊن تي نه نڪتي. پيپلز پارٽي کي گهرجي ته هوءَ سنڌ جي عوام جي نفرت، ڏک ۽ ڪاوڙ کي سمجهي. اڃا به وقت آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفاد خاطر وفاقي حڪومت کان الڳ ٿي وڃي. پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي باشعور ۽ غيرتمند عوام غدارن ۽ محب وطن سياستدانن ۾ فرق ڄاڻي چڪي آهي. عوام اهو به سمجهي چڪي آهي ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ درياءِ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪنهن ڪيو آهي. عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي فارم 47 تحت ڇو ڪامياب ڪرايو ويو هو، اهو به عوام تي ظاهر ٿي چڪو آهي. سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي احتجاج ۾ شرڪت نه ڪري پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو