پ پ جي سڏ تي ڪئنالن خلاف لکين ماڻهو نڪتا

سانگهڙ (ن س) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته وفاق سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي احتجاج کي سنجيدگي سان وٺي نه ته پوءِ ٻيا قدم کنيا ويندا. هڪ بيان ۾ عاجز ڌامراهه واضح ڪيو ته سندن جماعت سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به زيادتيءَ کي قبول نه ڪندي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پيپلز پارٽي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن احتجاج رڳو واهي پانڌي، ڪڙئي گهنور ۽ ماتلي جهڙن علائقن تائين محدود رهيو ته ان جو ڪو خاص اثر نه ٿيندو. عاجز ڌامراهه جو چوڻ هو ته جيستائين سڀ ڌريون گڏجي هڪ مضبوط پليٽ فارم نه ٺاهينديون، تيستائين احتجاجن جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو. هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي هن وقت ڪئنالن واري معاملي تي روڊن تي نڪتي آهي، جڏهن ته پارٽي قيادت ايوانن ۾ پڻ موجود آهي ۽ وقت اچڻ تي اتي به پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ويندو، پر في الحال پارٽي پنهنجي سياسي ميدان ۾ وڙهي رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي جي سڏ تي مختلف ضلعن مان لکين ماڻهو احتجاج لاءِ نڪتا آهن، تنهنڪري وفاق کي گهرجي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪري نه ته ٻيا قدم کنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو