ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ تڪراري ڪئنالن جي تعمير جي اجازت نه ڏيندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي صوبي جي پاڻي جي حقن جي محافظ آهي ۽ سنڌ جي عوام جي امنگن مطابق هر ان قدم جي خلاف بيٺي هوندي جيڪو صوبي جي وسيلن کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءُ يا مصلحت کي خاطر ۾ نه آندو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به غير قانوني ڪئنال جي تعمير کي قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي به ان حوالي سان قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، جيڪا عوامي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي سنڌ جي عوام جو بنيادي حق آهي، ۽ اسان ڪنهن به اهڙي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي مترادف هجي. پيپلز پارٽي هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندي رهي آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي. شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي سنڌ جي پاڻي جي حقن کي يقيني بڻائين ۽ اهڙي ڪنهن به اسڪيم يا منصوبي کان پاسو ڪن جيڪو صوبي جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي مترادف هجي.
