پ پ وفد جي مولانا سان ملاقات، پنهنجيون ترميمون آڻڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي وفد جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ترميمون آڻڻ جي تجويز ڏني.جي يو آءِ سربراهه ۽ پيپلز پارٽي جي وفد وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آئيني عدالت جي قيام تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس کانپوءِ هڪ ٻئي ۽ ٻين پارٽين سان مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته آئيني ترميم جو مسودو مشاورت کانپوءِ ئي سامهون ايندو.پ پ جي وفد ۾ نيئر حسين بخاري، شيري رحمان، نويد قمر ۽ مرتضيٰ وهاب شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو