پ پ پاران آئيني ترميم جي منظوريءَ جي خوشي ۾ ريلين جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ پاران 26 هين آئيني ترميم جي منظوريءَ جي خوشي ۽ حق ۾ 28 آڪٽوبر سومر ڏينهن سنڌ جي سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل پاليسي بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن 26 هين ترميم جي منظوريءَ جي حق ۽ خوشيءَ ۾ سومر ڏينهن سڄي سنڌ جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ ريليون ڪڍندا. ريليون ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪڍيون وينديون. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽيءَ جون سڀئي ضلعي تنظيمون پنهنجي پنهنجي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ نڪرندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪن۔ هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوري سڀني جمهوري قوتن ۽ جمهوريت جي فتح ۽ غيرجمهوري سوچ رکندڙن جي شڪست آهي. هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوريءَ ۾ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني کان وڏو جمهوري ليڊر ثابت ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم بڻجڻ جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي. هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوريءَ سان پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ججن جي مقرريءَ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار سان جڊيشل ايڪٽوزم ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته آئيني بئنچ جي قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تان ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي قرارداد سان صوبي ۾ به آئيني بئنچ قائم ٿيندي جيڪا صوبي جا آئيني اشوز ٻڌي سگهندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ عدالت نظريه ضرورت کي جنم ڏنو ۽ مارشلا کي تحفظ به ان ئي عدليه ڏنو هيو ۽ هڪ طرف ملڪ کي آئين ڏيندڙ شهيد ڀٽو کي ڦاسي چاڙهيو ويو ته ٻئي طرف آئين ٽوڙيندڙ آمر جي مارشلائن کي تحفظ ڏئي آمر کي آئين ۾ ترميم جو به اختيار ڏنو ويو هيو ان لاءِ اسين چاهيون ٿا ته اختيارن جو توازن هجي ۽ جڊيشل ايڪٽوزم نه هجڻ گهرجي. نثار کهڙو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ آئيني ترميم جي منظوريءَ ۾ ڪردار ادا ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ،ميثاقِ جمهوريت جي هڪ وڌيڪ نقطي تي عمل درآمد ڪرايو آهي ۽ هاڻي ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئشن ڪميشن جو به قيام عمل ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جمهوريت کان علاوه ٻئي ڪنهن نظام جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي ان لاءِ سڀئي جمهوري قوتون جمهوريت جي تسلسل لاءِ متحد آهن. هن چيو ته هڪ غيرجمهوري سوچ رکڻ وارو ليڊر هاڻي جيل مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ روئي رهيو آهي، اسين کيس مشورو ٿا ڏيون ته هو سازشن کان پري رهي ۽ جمهوري اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو