پ پ ڪئنال تي احتجاج جو سڏ ڏئي عوام بيوقوف بڻائڻ ٿي چاهي

ڪراچي/ رتوديرو (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران ڪئنالن واري مسئلي تي احتجاج جو سڏ دراصل عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪئنالن جي مسئلي تي سنجيده آهي ته احتجاج جو سڏ ڏيڻ بدران وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ۽ صدر زرداري توڙي پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرز کي به استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي، سماجي، ديني، قومپرست ۽ وڪلا برادري سميت شاگردن جي تاريخي احتجاج پ پ کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃان تائين ڪينالن جي معاملن ۾ وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ بدران بيان بازي ۽ احتجاج جو نالو وٺي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته وڏو وزير هر روز اسيمبليءَ توڙي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران سنڌ جي مفادن بدران پنجاب حڪومت جي وڪالت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رتوديرو جي مقامي هال ۾ عوامي افطار ڊنرکي خطاب ڪندي ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پاران سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جي ميمبرن کان پوءِ وفاقي وزيرن ۽ مشيرن جي فوج ظفرموج جي پگهارن ۾ پڻ 188 سيڪڙو اضافي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، موجوده جعلي حڪمران معاشي خرابين جو جواز بڻائي هڪ طرف عوام ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ کان مڪمل نابري واري رهيا آهن، ته ٻئي طرف اشرافيا ۽ جاگيردار طبقي تي مشتمل وزراء ۽ ميمبرن جي پگهارن ۾ چئوڻ تي اضافو ڪري مهنگائي، بيروزگاري ۽ بدامني مان ستايل عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ۽ ڇهه هزار کان وڌيڪ ملازمن کي فارغ ڪرڻ جهڙا فيصلا عوام دشمني جو کُليل ثبوت آهن، شهباز حڪومت ٽن سالن کان عوام تي مهنگائي، بيروزگاري ۽ بدامني مسلط ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ڊليور ناهي ڪري سگهي. حڪمرانن ۽ مقتدره جي غلط پاليسين جي ڪري اڄ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا دهشتگردي جي باه ۾ سڙي رهيا آهن پر نام نہاد جعلي حڪومت جا ڪارڪن پنهنجين پگهارن ۾ اضافو ۽ ٻاهرين ملڪن جي سيرسپاٽن ۾ مصروف آهن. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جا فيصلا اشرافيا لاءِ رحمت ۽ عام ماڻهو لاءِ زحمت جو سبب بڻجي رهيا آهن، مهانگائي جو بہانو ڪري وزيرن ۽ مشيرن جي پگهارن واڌ، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ کان انڪار سراسر ظلم آهي، ننڍن ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي بدران وزيرن ۽ مشيرن جي فوج ظفر موج ۾ ڪمي ڪري مختصر ڪابينا، سادگي ۽ ڪفايت شعاري واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي. هڪ طبقي جي پگهارن ۽ ٻين مراعتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، پر عام ماڻهو جيڪو اڳ ۾ ئي، مهانگائي، معاشي بدحالي ۽ بيروزگاري سبب تنگ آهي، ان کي رليف ڏيڻ بدران نوڪرين کان فارغ ڪيو ڪيو پيو وڃي. ڪاشف سعيد شيخ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ بجٽ ۾ ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ خاطر خواہ واڌ ۽ ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي ڪجهه رليف ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو