ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڄ ڪرڻ سبب مال مري ويو

مٺي(ن س) ٿرپارڪر م سانوڻي جي برسات ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب مال مرڻ ۽ گهر سڙڻ جا واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. ڇنڇر تي شام جو ڪجھه ڪلاڪن جي برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ ڏاتر ڏنو ۾ 6 ڍڳيون مري ويون، ڳوٺ ڪريم ڏنو انڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب سڪيلڌو انڙ جون 8 ٻڪريون مري ويون. ڳوٺ ساڪريو ۾ منٺار سميجو جون 5 ٻڪريون مري ويون. ڳوٺ نيٻاڙو يوسف ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سب محراب ڪپري جون 6 ٻڪريون مري ويون. ڳوٺ ريشم جو تڙ ۾ يامين سميجو جي گهر تي آسماني بجلي ڪرڻ سبب هڪ چونئرو ۽ چونئري اندر پيل سمورو سامان سڙي ويو. ڳوٺ گل محمد رند ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 6 ٻڪريون مري ويون. ڳوٺ گهوڙا ماري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ٻڪري مري وئي. ڳوٺ پاٻوھر ھاليپوٽا ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ارباب ھاليپوٽو جي ھڪ اُٺِ ۽ انجو ننڍڙو ڪنواٽ مري ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو