ٿر ۾ مختلف مسئلن سبب هلندڙ سال 146 ماڻهن پاران مبينا آپگهات

مٺي (ن س)ٿر ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ گهرو اڻبڻت سبب مختلف علائقن ۾ هڪ سال اندر 146 ڄڻن آپگهات ڪيو. پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٿر جي 7 تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ڏاهلي ۾ 73 عورتن ۽ 73 مردن آپگهات ڪري زندگي جو انت آندو. آپگهات ڪندڙن ۾ ننڍي عمر جا ٻارڙا پڻ شامل آهن، جڏهن ته 15 کان 20 ورهين جي 36 ڄڻن، 21 کان 30 ورهين جي 51 ۽ 31 کان 40 ورهين جي 18 ڄڻن آپگهات ڪيو. آپگهات ڪندڙن ۾ 41 کان 60 سالن جي 20 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته گڏيل طور هڪ سال دوران 146 ڄڻن آپگهات ڪيو. ايس ايس پي ٿرپارڪر سمير نور چنا سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندن ڪوشش آهي ته هر آپگهات ڪندڙ جو پوسٽ مارٽم ڪرائي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، پر وارثن پاران دٻاءُ هجڻ سبب هو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو