لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته ٿيٽر فن ۽ ثقافت جو آئينو آهي، اهو سماجي قدرن کي به ظاهر ڪري ٿو ۽ شعور فراهم ڪري ٿو.عالمي ٿيٽر ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ مريم نواز چيو ته ٿيٽر پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته پنجاب حڪومت ٿيٽر کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ۽ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ هڪ آرٽسٽ فنڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي.مريم نواز اهو به چيو ته ٿيٽر کي بحال ڪيو ويندو ۽ فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ هڪ بهترين ذريعو بڻايو ويندو.
