ڀارتي اداڪار اتول پارچور ڪينسر وگهي ديهانت ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مشهور ڪاميڊي شو دي ڪپل شرما شو سان شهرت ماڻيندڙ ڪاميڊين اتل پارچور ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مراٺي فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪار اتول پارچور ڪافي عرصي کان ڪينسر سان وڙهي رهيو هو پر سومر 14 آڪٽوبر تي 57 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.مرحوم اداڪار مهاراشٽرا جي مراٺي فلم انڊسٽري ۽ ٿيٽر ۾ پنهنجي شاندار ڪردارن ذريعي سامعين جون دليون کٽي ورتيون، پر هن بالي ووڊ فلمن ۾ به پنهنجي ڪم سان شهرت ماڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو