ڀارتي انٽيلجنس اهلڪار تي قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا سک اڳواڻ جي قتل جي منصوبي واري الزام ۾ حڪ ٻئي ڀارتي شهري تي فرد جرم عائد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي انصاف واري کاتي جو چوڻ آهي ته نيويارڪ ۾ رهندڙ سک اڳواڻ گرپتوانت سنگهه پنون جي قتل جي ناڪام بڻايل منصوبي ۾ ملوث ڀارتي شهري ۽ را جي آفيسر 39 سالن جي وڪاش ياديو، جيڪو روپوش آهي، تنهن تي فرد جرم لاڳو ڪئي آهي. هن ڪيس ۾ هڪ ٻيو ڀارتي شهري 53 سالن جو نکل گپتا تي اڳ ۾ ئي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. نکل گپتا زيڪ ريپبلڪ فرار ٿي ويو هو جنهن کي آمريڪا وطن گهرائي فرد جرم لاڳو ڪيو هو. وڪاش ياديو، جيڪو ڀارت جي ڪابينا ڊويزن جو ملازم هو تنهن بابت ڀارتي حڪومت جواب ڏنو آهي ته هو هاڻي سندن ملازم ناهي. ياد رهي ته ڀارتي ڳجهو ادارو، را ڪابينا ڊويزن جي ماتحت آهي. گرپتوانت سنگهه ڀارت جي اترين صوبي پنجاب جي سکن جي آزاد وطن لاءِ سرگرم آهي ۽ ڀارتي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندو آهي. ان کان اڳ ڪئناڊا به ڀارت تي سک اڳواڻ جي قتل جي الزام هيٺ سندن 6 سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڀارت به جوابي ڪاروائي ڪندي ڪئناڊا جي 6 سفارتڪارن کي دهلي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو