دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج جي گروپ 2 جي ميچ ۾ به نيوزيلينڊ ڀارت کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. اڄوڪي ميچ لاءِ نيوزيلينڊ پنهنجي اسڪواڊ ۾ هڪ تبديلي ڪئي جڏهن ته ڀارت ٻه تبديليون ڪيون. ڀارتي بيٽسمين ڪيوي بالرن جي سامهون هڪ نه هليا ۽ هڪ کانپوءِ وڪيٽون ڪرنديون رهيون ۽ بيٽسمين ڪو به خاص رنسون ٺاهي نه سگهيا. ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان جڊيجا (26) هاردڪ پانڊيا (23) تي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان ڪوهلي بالرن کي تنگ نه ڪري سگهيو ۽ 9 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولڊ 3 ۽ ايش سوڍي 2 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ جي اننگز دوران ڀارتي بالر ڪيويز آڏو بيوس رهيا، نيوزيلينڊ 111 رنسن جو هدف آساني سان 15 هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 49 ۽ ڪپتان وليم سن 33 رنسون ٺاهيون. ياد رهي ته ڀارت کي هلندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل ٻئي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان کان اڳ پاڪستان ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ 12 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته هر گروپ ۾ شامل ٽيمون 5 ميچون کيڏنديون ۽ ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.