ڀارتي رياست گجرات ۾ تيز برساتن سبب 3 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب گجرات ۾ غير معمولي طوفاني برساتون جاري آهن، برساتن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته رياست ۾ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ 20 هزار ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.خبر موجب ڀارتي موسميات کاتي 19 آگسٽ تائين گجرات جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته رياست جي 25 ضلعن ۾ تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران گجرات جي ڪجهه ضلعن ۾ 200 کان 350 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو