برسبين (ويب ڊيسڪ)قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز آسان ناهي پر ٽيم ۾ پاڪستان جي فتح لاءِ بهترين رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.برسبين ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته جڏهن توهان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندا آهيو ته چئلينجز سامهون ايندا آهن، آسٽريليا خلاف آسٽريليا ۾ کيڏڻ آسان ناهي.پلينگ اليون جي حوالي سان سوال تي محمد رضوان چيو ته پليئنگ اليون بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر ڪجهه ڳالهيون ڳجهيون هونديون آهن، مان هميشه صلاح سان کيڏندو آهيان، ٽيم لاءِ بهتر فيصلا ڪندا.هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته فخر زمان، افتخار احمد، محمد عامر ۽ شاداب خان بهترين رانديگر آهن ۽ ڊگهي عرصي تائين پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي، انهن جي غير موجودگي آساني سان پوري نه ٿي ڪري سگهجي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي بابت پڇڻ تي محمد رضوان چيو ته گلسپي آسٽريليا جو آهي پر هو پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هو محنت ڪري ٽيم کي گڏ رکندو آهي.چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي آمد بابت سوال تي محمد رضوان چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم ايندي ته ڀليڪار ڪيو ويندو، پر اهو فيصلو بورڊن جو هوندو آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ، اسان کي اميد آهي. ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي.
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور